تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-05-09 عيسوي تاريخ ۾


1912.05.09ع :  الهبچايو يار محمد سمون 9 مئي 1912ع ڪراچي ۾ ڄائو ... وڌيڪ پڙهو 1929.05.09ع :  مولانا سيد محمد شاهه ولد مولانا سيد نظام الدين شاهه امروٽي، 9 ذوالحج 1337هه/ 9 مئي 1929ع تي ڳوٺ ديوا... وڌيڪ پڙهو 1932.05.09ع :   رائو شيرالزمان، صوبي اتر پرديش جي شهر ميرٺ ۾، 9 مئي 1932ع تي نواب محمد شريف خان زميندار جي گھر پيدا... وڌيڪ پڙهو 1942.05.09ع :  ڪهاڻيڪار جميلا نرگس، 9 مئي 1942ع تي کرل آباد، ضلعي خيرپورميرس ۾ جنم ورتو.... وڌيڪ پڙهو 1958.05.09ع :   ڊاڪٽر خان صاحب کي 9 مئي 1958ع تي صبح جو ساڍي اٺين بجي عطا محمد نالي هڪ برطرف تپيدار قاتلانه حملو ڪ... وڌيڪ پڙهو 1968.05.09ع :  منور علي ولد محمد سليمان سومرو، 9 مئي 1968ع تي ڳوٺ ڀاڳو ديرو، تعلقي ڪنڊياري ۾ ڄائو. ... وڌيڪ پڙهو 1975.05.09ع :  حافظ مولوي عبدالحميد ڀٽي 9 مئي 1975ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه نئين ڳوٺ قبرستان، سکر ۾ آهي.... وڌيڪ پڙهو 1993.05.09ع :  9 مئي 1993ع تي پاڪستان مسلم ليگ (جوڻيجو گروپ) جو صدر منتخب ٿيو.... وڌيڪ پڙهو 1998.05.09ع :  طلعت محمود 9 مئي 1998ع تي 74 سالن جي ڄمار ۾ ممبئي (هندستان) ۾ وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** درياهه **

دريـاهه (River): دنـيـا جــا سـمـورا دريـاهه، ڌرتـيءَ جـي پاڻيهاري تهه (Hydrosphere) جو هـڪـ اهــم حـصــو ۽ قـدرتـي پـاڻـيءَ جــو ڦـيــرو (Hydrological Cycle) آهن. ان ريت قدرتي پاڻيءَ جو هڪ اهڙو مستقل وهڪرو، يا ندي، جيڪا ڪن ڍنڍن (Lakes)، وڏن جبلن ۽ جبلن تان ڳريل برف (Glaciers) وارو تازو پاڻي کڻي، پنهنجي خاص رستي سان وهندي، ڪنهن سمنڊ، نار (gulf) يا برپٽ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هجي ته ان کي درياهه چئجي ٿو. هر درياهه سان سندس وهڪ واري رستي ۾، ڀرتي ڪندڙ ننڍيون نديون (tribuleries)، نئيون ۽ جهرڻا اچي ملندا آهن. اهڙو ڀريو تريو درياهه (mature river) ننڍين ندين، جابلو نئين (Riverine and Rivulet) کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ واري حيثيت (River Capture) ۾ پاڻيءَ جو وڏو وهڪرو (course) جوڙي هلي ٿو. پاڻيءَ جو اهو وڏو وهڪرو ٻنهي ڪنڌين (banks) سان هڪ وڏو سيرابي علائقو (Catchment Area) رکندو آهي، جيڪو ان درياهي پاڻيءَ جي اُٿل تي آباد ٿيندو آهي ۽ زرعي اُپت ڏيندو آهي.


دنيا جي سمورن درياهن جي پاڻيءَ جو وجود بارفاني ڇپن/ گليشيئرن جي وگهرڻ ۽ مينهوڳيءَ تي قائم آهي ۽ اهو گليشيئرن جي پاڻيءَ (Glaciers water) جي گ....وڌيڪ پڙهو